سيالڪوٽ – 02 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي ??ظهار لاءِ 5 آگسٽ تي ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو ويندو جنهن جو مقصد مودي سر??ار پاران ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضي جي لاءِ ان جي ??صوصي حيثيت ختم ڪري واديءَ ۾ آرٽيڪل 370 جي ??يرقانوني قدم جي مذمت ڪرڻ آهي. ڀارتي فوج پاران ڪشمير جي گهيراءُ کي ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي پاڪستان ۾ به اهو ڏينهن استحصال ڏهاڙي طور ملهايو ويندو، ان سلسلي ۾ سيالڪوٽ سميت سڄي ملڪ ۾ ريليون ڪڍيون وينديون ۽ تقر??بن جو اهتمام ڪيو ويندو، جنهن ۾ ڪشميرين سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويندو ۽ ڪشمير ۾ مودي سر??ار پاران آرٽيڪل 370 لاڳو ڪرڻ تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي ??ڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ??لڳ رياستي حيثيت ختم ڪري مظلوم ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي ??ي رياست مان بيدخل ڪرڻ جي ??ازش ڪئي جنهن کانپوءِ واديءَ ۾ مظاهرن جي ڊپ کان لاڪ ڊائون هنيو ويو.