اسلام آباد – 21 – جون (ا?? پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي او??ين ترجيح آهي، ايندڙ مالي سال ۾ اٽي، کنڊ، گيهه/کاڄرو تيل، دا??ين ۽ چانورن تي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏني ويندي، سموريون لاڳاپيل وزارتون اهو يقيني بڻائينديون ته سبسڊي مستحق ۽ ڪمزور ماڻهن تائين پهچي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري ??زير ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سربراهه شازيه عطا مري سان ڳالهائي??دي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان موقعي تي شازيه مري ??زيراعظم کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي جاري ??نصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته معاشي طور تي ڪمزور طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي او??ين ترجيح آهي، ايندڙ مالي سال ۾ اٽي، کنڊ، گيهه/کاڄرو تيل، دا??ين ۽ چانورن تي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏني ويندي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته سموريون لاڳاپيل وزارتون اهو يقيني بڻائينديون ته سبسڊي مستحق ۽ ڪمزور ماڻهن تائين پهچي، وزيراعظم ٽارگيٽڊ سبسڊي لاءِ غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري ??زارت کي ناڻي واري ??زارت ۽ صنعت ۽ پيداوار واري ??زارت سان تعاون کانپوءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جون هدايتون به ڪيون.