اسلام آباد ??? 13 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گوجرانوالا ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته عورتن سميت فوت ٿيندڙن جي وارثن سان دلي ت??زيت ۽ افسوس جو اظهار ڪريون ٿا. ٽريفڪ حادثن جي روڪٿام لاءِ پنجاب حڪومت کي سڌارن جي هدايت ڪريون ٿا. بهتر رستن جي ت??مير ۽ انتظامي قدمن سان حادثن کي گهٽ ڪرڻ جي پروگرام تي عمل ڪن??اسين. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام، وارثن کي صبر جميل ڏي، هن زخ??ين جي جلد صحتيابي جي دعا به ڪئي.