اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) تي زور ڏنو آهي ته مارڪيٽ ۾ وڌيڪ تعليم يافته ۽ هنرمند پيشيور ماڻهن جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام متعارف ڪرائڻ ۽ ان جو تعداد وڌائڻ لاءِ يونيورسٽين جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، فيصله ساز تيزي سان بدلجندڙ عالمي مارڪيٽ جي ضرورتن کي پوري طرح سمجهڻ ۾ سستي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، ايڇ اي سي کي اهڙي اهم معاملي تي تيزي سان فيصله سازي کي يقيني بڻائڻ گهرجي. هو ايوان صدر ۾ غلام اس??اق خان ان??ٽيٽيوٽ آف ان??نيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (جي آءِ ڪي آءِ) ٽو پي بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ غلام اس??اق خان ان??ٽيٽيوٽ آف ان??نيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي ريڪٽر پروفيس?? ڊاڪٽر فضل اي خالد، سوسائيٽي فار پروموشن آف ان??نيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر شڪيل دراني، غلام اس??اق خان ان??ٽيٽيوٽ آف ان??نيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي سينئر مينيجمينٽ جي ميمبرن، هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ تعليم واري وفاقي وزارت ??ي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر اعليٰ تعليم تائين پهچ کي وڌائڻ ۽ اعليٰ تعليم يافته ۽ پيشيور گريجوئيٽ پيدا ڪرڻ جي ضرورت ??ي زور ڏنو، هن مارڪيٽ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ يونيورسٽين ۽ صنعتي شعبي جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت ??ي زور ڏنو. هن چيو ته يونيورسٽين کي پنهنجي گريجوئيٽس کي مهارت فراهم ڪرڻ لاءِ سکڻ جي آن لائن ۽ هائبرڊ طريقن کي متعارف ڪرائڻ ۽ فروغ ڏيڻ جي ضرورت ??هي، ريڪٽر غلام اس??اق خان ان??ٽيٽيوٽ آف ان??نيئرنگ سائنسز اينڊ تيڪنالاجي اجلاس کي يونيورسٽي پاران تعليم جي فروغ لاءِ کنيل مختلف نون قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن ٻڌايو ته غلام اس??اق خان ان??ٽيٽيوٽ آف ان??نيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ هڪ جامع آن لائن تعليمي نظام متعارف ڪرائي رهيو آهي، وڌيڪ اهو ادارو تعليمي سال 23 -2022ع ڪمپيوٽر سائنس ۽ سائبر سيڪيورٽي ۾ نوان پروگرام پيش ڪندو، ان کانسواءِ مصنوعي ڏاهپ، ڊيٽا سائنس ۽ سول ان??نيئرنگ ۾ ايم ايس ۽ پي ايڇ ڊي پروگرام متعارف ڪرايا ويندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته غلام اس??اق خان ان??ٽيٽيوٽ آف ان??نيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي تعليم جي معيار کي وڌائڻ کانسواءِ ملڪ ۾ تحقيق ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ لاءِ مقامي ۽ عالمي ادارن سان گڏ تحقيقي تعاون ۽ عالمي رابطن کي فروغ ڏئي رهيو آهي، اجلاس کي مستقبل جي پروگرامن سان گڏوگڏ يونيورسٽي جي انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ اپ گريڊيشن جي منصوبن جي باري ۾ به بريفنگ ڏني وئي.