اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزي??اع??م شهباز شريف بحرين جي بادشاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م شهباز شريف خوشي جي ان موقعي تي بحرين جي ڀائر عوام جي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. وزي??اع??م ورجايو ته پاڪستان سلطنت بحرين سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م ڪورونا عالمي وبا دوران بحرين جي حڪومت پاران اتي رهندڙ پاڪستانين جي سارسنڀال جي لاءِ قدم کڻڻ ت?? ٿورا مڃيا. وزي??اع??م شهباز شريف جي عيد جي مبارڪباد ۽ بحرين جي عوام جي لاءِ خيرسگالي جي خواهشن تي بحرين جي شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه عيدالفطر ۽ تازين چونڊن ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ ت?? وزي??اع??م شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني. بحرين جي پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ پڪو ۽ گهرو ڪرڻ جي پنهنجي عزم ک?? ورجائيندي بحرين جي شاهه چيو ته انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هو وزي??اع??م سان ويجهي تعاون ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ منتظر آهي.