ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي ??من ۽ استحڪام جي لاءِ ص??با??ي حڪومت کي ڀرپور معاونت فراهم ڪندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان ۾ ??من امان جي صورتحال تي اعليٰ سط??ي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، مولانا عبدالواسع، مولانا اسعد محمود، بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو، سردار محمد اختر جان مينگل، ڪمانڊر 12 ڪور ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي بلوچستان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي صوبي ۾ ??من امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته صوبي ۾ ??من امان جي صورتحال اطمينان جوڳي آهي، بلوچستان جي ??من ۽ استحڪام جي لاءِ نئين وفاقي حڪومت ص??با??ي حڪومت کي ڀرپور معاونت فراهم ڪندي.