اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) قوم?? اسيمبلي ج?? اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته مخالف ڌر پاران وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ سان عوام جو عمران خان تي اعتماد ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، موجوده دور ۾ جيترا ترقياتي ڪم ٿيا، ان جو تاريخ ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صوابي ۾ عوامي تقريب کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ آزاداڻي پرڏيهي پاليسي جو بنياد رکيو. پاڪستان هڪ خودمختي??ر ۽ آزاد ملڪ آه?? اسان ڪنهن کان ڊڪٽيشن نه وٺنداسين، اسان دنيا سان برابري جي بنياد تي لاڳاپا چاهيون ٿا. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ مخالف ڌر جو قانوني حق آهي پاڪستان تحريڪ انصاف جا قوم?? اسيمبلي ميمبر ان جو ڀرپور مقابلو ڪندا. قوم?? اسيمبلي ج?? اسپيڪر چيو ته اسان جي دور ۾ جيتري اسلامي قانونسازي ٿي ماضي ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته اسان جي دور ۾ پنجين درجي تائين اسڪولن ۾ ناظره قرآن پاڪ ۽ ڏهين درجي تائين قرآن پاڪ جو ترجمو شروع ڪيو ويو. هن چيو ته اسان جي حڪومت عالم سڳورن جي لاءِ وظيفو شروع ڪيو ۽ وياج جي خلاف قانونسازي ڪئي.