اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ اربع تي ڪراچي جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم عمران خان اڄ ڪراچي جي دوري دوران ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قي??دت سان م??اقات لاءِ بهادر آباد ۾ واقع سندن هيڊ آفيس ويندو. ان کانپوءِ وزيراعظم سنڌ صوبي ۾ پارٽي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ عوامي نمائندن، پي ٽي آءِ جي چونڊيل سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن ۽ پارٽي جي صوبائي ۽ ڊويزنل سطح جي قي??دت سان م??اقات??ن به ڪندو.