بخارسٽ – 10 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ??ومانيا سان وسيع البنياد ۽ نتيجاخيز لاڳا??ا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن بخارسٽ ۾ رومانيا جي وزيراعظم نڪولائي چيوڪا سان ملاقات دو??ان چئي. وزيراعظم رومانيا جي چيف آف پروٽوڪول پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير رومانيا جي وزيراعظم نڪولائي چيوڪا کي وزيراعظم عمران ??ان ۽ پاڪستاني قيادت پا??ان نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. ملاقات ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ تاريخي ۽ خوشگوار لاڳاپن تي روشني وڌي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ??ومانيا سان وسيع البنياد ۽ نتيجاخيز لاڳا??ا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ تازي بهتري ٻنهي مل??ن جي قيادت جي ويزن جو اظهار آهي. پرڏيهي وزير رومانيا پا??ان ڪورونا وائرس جي وبائي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ کنيل موثر قدمن کي ساراهيو ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ رومانيا جي حڪومت پا??ان ڪوويڊ جي خاتمي واري ويڪسين جون 500000 خوراڪن جي تحفي جي اعلان ??ي وزيراعظم نڪولائي چيوڪا جا ٿورا مڃيا. رومانيا جي وزيراعظم افغانستان ??ي ڏس ۾ پاڪستان ??ي ڪردار ۽ رومانيا جي شهرين جي انخلا ۾ اسلام آباد پا??ان فراهم ڪئي ويندڙ مدد کي ساراهيو. رومانيا جي وزيراعظم سان ملاقات دو??ان پرڏيهي وزير اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي خاص طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ صورتحال جي سنگيني ۽ افغانستان ??ي ڏس ۾ پاڪستان ??ي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزير يورپي يونين ۾ پاڪستان ??ي لا??ِ جي ايس پي پلس جي حوالي سان ??ومانيا جي حمايت کي ساراهيو. رومانيا جي وزيراعظم مسٽر نڪولائي چيوڪا پرڏيهي وزير کي رومانيا اچڻ تي ڀليڪار چوندي نيڪ خواهشن جي اظهار تي وزيراعظم عمران ??ان ??ا ٿورا مڃيا.