اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه ??حمود قريشي سان سندس سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود ملاقات ??ئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، افغانستان سميت خطي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان سعودي عرب سان ٻطرفن اقتصادي ۽ معاشي ل??ڳاپن کي وڌائڻ ۽ انهن کي سياسي ل??ڳاپن سان هم آهنگ بڻائڻ جي ل??ءِ پرعزم آهيون. پرڏيهي وزير مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي معاونت تي سعودي پرڏيهي وزير جا ??ور?? مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان مارچ 2022ع ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 39 هين اجلاس جي ميزباني ل??ءِ تيار آهي. هن چيو ته هڪ ٻئي پٺيان ٻن پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاسن جي ميزباني مسلمان امت جي ل??ءِ پاڪستان جي سنجيده سوچ جي ترجماني ڪري ٿي. پاڪستان او آءِ سي کي مسلمان امت جو مستحڪم آو??ز سمجهي ٿو، اسلامو فوبيا، امن ۽ سلامتي ۽ پراڻن تڪرارن جي حل لاءِ او آءِ سي جي موثر ڪردار جو گهرجائو آهي. 40 سالن تائين جنگ ۽ جدل کانپوءِ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جو موقعو ملي رهيو آهي. شاهه ??حمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ اڀرندڙ انساني بحران جي ل??ءِ فوري قدم نه کنيا ويا ته ان جا اثر پاڙيسري ملڪن، خطي ۽ سڄي دنيا جي ل??ءِ خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. اسان ڪشمير مسئلي جي حوالي سان او آءِ سي جي مسلسل ۽ اڻٿڪ حمايت تي او آءِ سي جا ??ور??ئتا آهيون. 57 مسلمان ملڪن جو آواز رکندڙ او آءِ سي، گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي ل??ءِ موثر ڪردار ڪري سگهي ٿي. سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي شاندار انتظامن کي ساراهيندي پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير شاهه ??حمود قريشي جا ??ور?? مڃيا.