اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير م??دوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اڄ پاڪستان پنهنجي موثر سفارتڪاري جي ??ري پوري دنيا جو مرڪز بڻجي ??ڪو آهي، هن اها ڳالهه اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ اطلاعات واري وزارت جي سينئر آفيسرن جي اعزاز ۾ پرڏيهي وزارت ۾ ڪيل چانهه جي اهتمام جي موقعي تي چئي. ان موقعي تي وزيراعظم جي خاص مددگار علامه طاهر اشرفي، پرڏيهي اسپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ، اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهده، پي آءِ او سهيل علي خان، ايڪسٽرنل پبلسٽي جي ??ائريڪٽر جنرل عنبرين جان، اي پي پي جي ايم ڊي مبشر حسن، پي ٽي وي جو ايم ڊي عامر منظور، ايگزيڪيٽو پروڊيوسر عون ساهي، وزيراعظم جو ڊجيٽل م??ڊي?? بابت فوڪل پرسن ڊاڪٽر ارسلان خالد، جي ايم ڊجيٽل م??ڊي?? ونگ عمران غزالي ۽ پرڏيهي وزارت جي سينئر آفيسرن به شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير 19 ڊسمبر تي او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ??ائونسل جي غير م??مولي اجلاس ۽ ان جي ارادن ۽ مقصدن جي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ موثر تشهير تي اطلاعات واري وزير چوڌري فواد حسين ۽ سندس پوري ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ ان جي خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته الله رب العزت وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان کي هڪ تاريخي، سفارتي ڪاميابي سان نوازيو، افغانستان جي حوالي سان منعقد او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ??ائونسل جي غير م??مولي اجلاس کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي ۽ اڄ پاڪستان پنهنجي موثر سفارتڪاري جي ??ري پوري دنيا جو مرڪز بڻجي ??ڪو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان مارچ 2022ع ۾ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ??ائونسل جي 48 هين اجلاس جي ميزباني ڪرڻ لاءِ به پرعزم آهي.