اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سينيٽ مان جرنلسٽ پروٽيڪشن بل جي منظوري تي ورڪنگ جرنلسٽس کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ان بل سان صحافين کي پهريون ڀيرو اهڙا ??ق حاصل ٿيندا جيڪي رڳو انتهائي ترقي يافته معاشرن ۾ صحافين کي حاصل آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو قانون عمران خان ??ڪو??ت جي صحافتي آزادين سان وابستگي جو اظهار آهي. هن انساني حقن وا??ي وفاقي وزير شيرين مزاري جا پڻ ٿورا مڃيندي چيو آهي ته شيرين مزاري منهنجي درخواست تي ان آئيڊيا کي عملي شڪل ڏيڻ ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو، ان قانون تي عملدرآمد صحافين ۽ انهن جي ڪم کي ??حف?? فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي زندگين ۾ تبديلي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.