اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان نوجوانن جو ??لڪ آهي ڇو ته اسان جي آبادي جو 68 سيڪڙو حصو 30 سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن تي ٻڌل آهي، اسان نوجوانن جي ان وڏي انگ کي ??لڪ ۽ قوم جي لاءِ هڪ عظيم سرمائي ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ سخت محنت ڪري رهيا آهيون ته جيئن بهتر تعليم ۽ هنر جي ذريعي ا??هن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪري سگهجي، نوجوان ڪ??هن به معاشري ۾ تبديلي جو اصل محرڪ هوندا آهن، اسان ا??هن جي توانائين کي پنهنجي ??لڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ هڪ مثبت رخ ۾ استعمال ڪرڻ تي ڌيان ڏنو آهي. وزيراعظم عمران خان سان نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون محمد ??ثم??ن ڊار ملاقات ڪئي. نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون محمد ??ثم??ن ڊار وزيراعظم کي ڪامياب جوان پروگرام جي 2 سالا ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته يوٿ انٽر پرينيور اسڪيم (وائي اي ايس) تحت ٻه سال اڳ اسڪيم شروع ٿيڻ کان وٺي هيستائ??ن 23 ارب رپيا ماليت جا 16617 رعايتي ڪاروباري قرض ورهايا ويا آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪامياب جوان اسڪل فار آل پروگرام تحت نوجوانن کي هيستائين 4.7 بلين رپين جي لاڳت سان 101447 اسڪل اسڪالرشپ سان نوازيو ويو آهي. وزيراعظم کي اهو به ٻڌايو ويو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت نوجوانن جي فائدي لاءِ وڌيڪ 5 قدم به جلد شروع ڪيا پيا وڃن. ا??هن قدمن ۾ 106 يونيورسٽين ۾ ڪامياب جوان مرڪز قائم ڪرڻ، گرين يوٿ موومينٽ (جي وائي ايم) ڪامياب جوان انوويشن ليگ، ڪامياب جوان ٽيلينٽ هنٽ اسپورٽس ليگ ۽ ڪامياب جوان اسپورٽس اڪيڊميز ۽ اسپورٽ?? گالا شامل آهن. وزيراعظم نوجوانن جي زندگي جي سمورن شعبن ۾ موثر شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن ا??هن کي اعليٰ مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.