اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته افسوس اڄ مريم نواز بهاولپور ۾ خطاب ڪندي اهو وسري وئي ته ان شا??ي خاندان لاهور کي ٺاهڻ سنوارڻ جي نالي تي ڏکڻ پنجاب جي عوام ??ي فنڊن تي ڌاڙو هنيو?? ڏکڻ پنجاب جي عوام تعليم، صحت ۽ روشني لاءِ ترسندي رهي جڏهن ته انهن جا سمورا وسيلا لاهور تي خرچ ڪيا ويا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي ??زير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڏکڻ پنجاب جا آبادگار ان شاهي ٽولي کان نفرت ڪن ٿا، مسلم ليگ (ن) پنهنجي حڪومت جي دور ۾ انهن کي بک وگهي مرڻ تي مجبور ڪيو.