اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جمعي ڏينهن ڪراچي جي دو??ي دو??ان شهر جي مسئلن جي حل لاءِ جا??ع حڪمت عملي جو اعلان ڪندو، وزيراعظم عمران خان برسات ۽ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ احساس پروگرامن جو ٻيو مرحلو جلد شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، نواز شريف کي قانون جي سامهون پيش ٿي سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا، پاڪستان دشمن سي پيڪ جي خلاف سازشون ڪري رهيا آهن، اهو ملڪي ترقي جو منصوبو آهي، اسان ثابت قدمي سان ان تي ڌٻو نه اچن ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پي آءِ ڊي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو، اطلاعات واري و??ير چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪراچي جي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. وزيراعظم عمران خان سميت حڪومت جون سموريون همدرديون ڪراچي جي عوام سان گڏ آهن، ڪراچي جا ماڻهو جهڙي صورتحال مان گذري رهيا آهن اهي سڀني جي سامهون آهي، وزيراعظم عمران خان چاهي ٿو ته ڪراچي جون حالتون بهتر ٿين، وزيراعظم عمران خان جمعي ڏينهن ڪراچي جو دو??و ڪندو، وزيراعظم پنهنجي دو??ي دو??ان سنڌ حڪومت، اين ڊي اي?? اي سميت لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان ڪراچي جي مسئلن جي حل جي حوالي سان جا??ع حڪمت عملي جو اعلان ڪندا.