اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عالمي برادري ڀارت جو ??الاريل ڪشمير جو گهيراءُ ختم ڪرائي، ڀارتي فوج کي والاريل واديءَ مان ڪڍڻ، ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تي پابندي جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ڀارت سياسي قيدين کي آزاد ڪري ۽ ڪشميرين جي جان ڇڏي، پاڪستان ڪشميرين کي اڪيلو نه ڇڏيندو، ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، مون کي پڪو يقين آهي ته ڪشميرين جون قربانيون رنگ لائينديون، اهو ڏي??هن پري نه آهي جڏهن ڪشميرين جي آزادي جو سج اڀرندو، ڀارت سدائين ڳالهين کان انڪار ڪيو آهي، پاڪستان سدائين امن جي راهه اختيار ڪئي آهي جڏهن ته ڀارتي جارحيت جو ??نهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان خصوصي ا??لا?? ۾ ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته اڄ اهم ڏي??هن آهي، استحصال جو ڏهاڙو ملهائن جو ??قصد ڪشمير جي حوالي سان اسان جي بيانيي کي عالمي دنيا تائين پهچائڻ آهي ۽ دنيا کي اهو پيغام ڏيڻو آهي ته ڪشمير تڪرار تي اسان سڀ متحد آهيون. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي خطرناڪ قدم کنيو، ڪشمير کي جيل خانو بڻايو ويو، ڪشميرين تي ظلم ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو. هن چيو ته رياستي دهشتگردي جي ذريعي ڪشميرين تي انسانيت سوز ظلم ڪيا پيا وڃن، اسان ڪشميري ڀائرن جي پرامن جدوجهد ۽ انهن تي ظلم کي هر فورم تي اجاگر ڪيو آهي ۽ اهڙي طرح اجاگر ڪندا رهنداسين. هن چيو ته علامه اقبال پنهنجي شاعري ذريعي ڪشميرين جي خراب حالت بيان ڪئي هئي جڏهن ته هاڻي ان ظلم ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿي ويو آهي، ڪشميري مظلوم، محڪوم ۽ مجبور بڻجي رهجي ويا آهن.