اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري معيشت کي استحڪام ڏيڻ ۽ ترقي جي راهه تي ملڪ کي گامزن ڪرڻ جون ڪوششون متاثر ٿيون آهن، حڪومت انهن شعبن کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي جن سان معا??ي عمل کي فروغ ملي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿين، غيرترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ سڌارن جي عمل کي تيز ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مالي س??ل 21 – 2020ع جي بجيٽ جي حوالي س??ن اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ناڻي واري صلاحڪار جي قيادت ۾ حڪومتي معاشي ٽيم وزيراعظم کي ايندڙ مالي س??ل جي بجيٽ جي اوڳاڙين، خرچن ۽ ان حوالي س??ن زميني حقيقتن کي س??مهون رکندي حڪومت جي ترجيحن کي عملي جامعو پارائڻ جي حوالي س??ن حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني.