اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسرندڙ ملڪن کي ڪورونا سان گڏوگڏ غربت جو چئلينج به درپيش آهي، ڪورونا وائرس س??ب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ متاثر ملڪن کي گ??يل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، صحت جي نظا?? جي بهتري ۽ ٻين قدمن جي لاءِ مالياتي انتظا?? جي ضرورت آهي، موجوده صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قرضن ۾ رليف گهربل هوندو، ڪروڙين ماڻهن کي بک کان بچائڻ جي لاءِ معيشت کي کولڻ ضروري آهي، انتظاميا سان گڏ رضاڪا فورس به ميدان ۾ لاٿي آهي، متاثر خاندانن جي لاءِ احساس ڪيش پروگرام شروع ڪيو آهي، هلندڙ سال اسان جي ملڪ جي لاءِ تمام گهڻو مشڪل ثابت ٿي رهيو آهي، اسان تمام مشڪل سڌارن کانپوءِ جاري کاتن ۽ مالي خسارو گهٽ ڪيو، جيستائين ويڪسين نه ٿي اچي ملڪ ۽ قو?? جي حيثيت سان ان وائرس سان گڏ رهڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم ۾ ڪوويڊ ايڪشن پليٽ فارم کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو.