اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان چيو آهي ته پاڪستان جو نئون سياسي نقشو پهريون قدم آهي، اڄ تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، نئون سياسي نقشو قوم جي ??ذبن جي ??رجماني ڪري ٿو، اسان چاهيون ٿا ته ڪشميرين کي جلد انهن جي منزل ملي، ڪشمير جو مسئلو دنيا جي هر فورم تي اٿارينداسين، منزل تائين پهچڻ کان اڳ ان جو تصور ذهن ۾ آڻڻ لازمي هوندو آهي. پاڪستان جو نئون سياسي نقشو جاري ڪرڻ جي قوم کي مبارڪباد ڏيندي هن چيو ته ??هو نقشو پهريون قدم آهي، ڀارت 5 آگسٽ جو جيڪو قدم کنيو هيءَ نقشو ان جي نفي آهي، والاريل ڪشمير جا ماڻهو پاڪستان جو حصو بڻجڻ چاهين ٿا، مون کي يقين آهي ته ??هي پنهنجي منزل تائين ضرور پهچندا. هن چيو ته وفاقي ڪابينا سياسي نقشي جي ??اقاعده منظوري ڏني، ڪشمير مئسلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن ۾ آهي. عمر??ن خان چيو ته ??سان سياسي جدوجهد ڪنداسين، فوجي ??دوجهد کي نه ٿا مـڃون، ڪشمير جو مسئلو دنيا جي هر فورم تي اٿارينداسين، جيستائين زندهه آهيان پاڪستاني قوم ڪشمير جي لاءِ جدوجهد ڪندي. هن چيو ته نقشي ۾ لائن آف ڪنٽرول کي واضح طور تي ظاهر ڪيو ويو آهي، ڪشمير پاڪستان جو حصوبڻجندو هي نقشو پهريون قدم آهي، اڄ تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، پاڪستان جي ??مورن سياستدانن نئين نقشي جي ??ائيد ڪئي.