اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطل??عا?? ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مي??يا کي طاقتور ادارو بڻائڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان ج?? ويزن ج?? روشني ۾ 72 سالن کانپوءِ ”قومي مي??يا پاليسي“ آڻي رهيا آهيون، پاليسي صرف اشتهارن تائين محدود نه پر مي??يا جي سمورن شعبن ج?? حقن ج?? ضامن، جذبن، احساسن ۽ ضرورتن ج?? عڪاسي ڪندي، مي??يا سان گڏجي مي??يا انڊسٽري کي مسئلن مان ڪڍي هڪ اهڙو روڊ ميپ ڏئي رهيا آهيون ج??هن ۾ حقيقتن ۽ فرضن ج?? وچ ۾ توازن قائم ٿيندو، مي??يا ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ سچ لکي، هروڀرو الزام تراشي سان وقتي شهرت ته ملندي آهي پر عوام جي عدالت ۾ حقيقي شڪست ٿيندي آهي، رياست ۽ صحافت ٻئي گڏوگڏ هلي رهيا آهن، حڪومت ان ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هو مقا??ي هوٽل ۾ صحافي حنيف خالد جي ڪتاب ”اڌ صدي جو صحافتي سفر“ جي رو??مائي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.