واشنگٽن – 18 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪندي آمريڪي پرڏيهي س??ڪر????ري مائيڪل پومپيو سان ڳالهه ٻولهه دوران خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ بنيادي تڪرار ڪشمير مسئلي کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. آمريڪا ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران هتي ملندڙ پڌرائي م??جب اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي پرڏيهي س??ڪر????ري سان هتي ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو.