اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) اسلامي جمهوريه ايران جو صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيس پاڪستان جي ٽن ڏينهن سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. نور خان ايئربيس تي وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده ۽ ٻين عملدارن سندس شاندار استقبال ??يو. ان موقعي تي ٻارن روايتي انداز ۾ اير??ني صدر کي گلدستو پيش ??يو. پنهنجي دوري دوران اير??ني صدر ابراهيم رئيسي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان پڻ ملاقات ڪندو. صدر ابراهيم رئيسي جي پاڪستان جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه جو دور پڻ ٿيندو. اڄ وزيراعظم هائوس اچڻ تي اير??ني صدر جي اعزاز ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو. اير??ني صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم هائوس جي اڱڻ ۾ ڌرتيءَ جي ڏهاڙي جي مناسبت سان ٻوٽو لڳائيندا. ٻئي اڳواڻ ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شريڪ ٿيندا. ٻئي اڳواڻ اسلام آباد جي هڪ شاهراهه کي ايران اوينيو جو نالو ڏيڻ جي تقريب ۾ شريڪ ٿيندا ۽ هڪ گڏيل پريس ٽاڪ پڻ ڪندا. وزيراعظم اير??ني صدر ۽ سندس ??فد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏيندو. اير??ني صدر لاه??ر ۽ ڪراچي پڻ ويندو ۽ صوبائي قيادت سان ملاقات ڪندو. ڌرين وٽ پاڪ ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، واپار، رابطن، توانائي، زراعت ۽ عوام سان عوام جي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي وسيع ا??جنڊا هوندي. اهي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي ۽ دهشتگردي جي گڏيل خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٻطرفي تعاون تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندا. پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ تاريخ، ثقافت ۽ مذهب سان ڳنڍيل مضبوط لاڳاپا آهن. هي دورو پاڪ ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪري ٿو.