اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري و??اقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ ايڊوائيزري بورڊ جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ سا?? 25-2024ع جي ڪمند جي فصل جي ڪاٿي ۽ ملڪ ۾ کنڊ جي پيداوار ۽ ضرورتن تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي وئي. اجلاس ۾ کنڊ جي پيداوار ۽ ان جي قيمتن جي باري ۾ تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ استحڪام برقر??ر رکڻ ۽ عوام کي سستي اگهه تي کنڊ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سا?? اهم فيصلا ڪيا ويا. وفاقي وزير سمورن صوبن کي هدايت ڪئي ته هو کنڊ جي قيمتن جي سخت نگراني ڪن ۽ ڪنهن به قسم جي هٿرادو کوٽ کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کڻن. هن چي?? ته کنڊ جي قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته ??يئن عوام کي رليف ملي سگهي. راڻا تنوير حسين وڌيڪ چي?? ته ??ڪومت کنڊ جي قيمتن جي استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري رکندي. هن اهو پڻ چي?? ته ??نعت ۽ پيداوار واري وزارت صوبن سا?? گڏجي کنڊ جي فراهمي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۽ قيمتن ۾ استحڪام لاءِ مستقل نگراني ڪندي ته ??يئن عوام کي کنڊ جي کوٽ کي منهن نه ڏيڻو پوي.