اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڊيره اسماعيل خان ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي ??ور??ز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ساراهيندي چيو آهي ته دهشتگردي جي خلا?? جنگ ۾ پوري قو?? پنهنجي بهادر ??ور??ز سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم خارجي اڳواڻ سميت 5 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي آپريشن ۾ شريڪ آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي مل?? مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلا?? جنگ جاري رکنداسين، دهشتگردي جي خلا?? جنگ ۾ پوري قو?? پنهنجي بهادر ??ور??ز سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته مون سميت پوري قو?? پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ مل?? دشمنن جي خلا?? جنگ ۾ شريڪ سيڪيورٽي ??ور??ز کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.