اسلام آباد- 28 ڊسمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف بجلي جي ڊسٽريبيوشن ڪمپنين جي ڪارڪردگي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته سمارٽ ميٽرز لڳائڻ جو ڪم جلدي مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن بلنگ جي نظام ۾ شفافيت آڻي سگهجي، اوور بلنگ ڪنهن ??ه صورت قبول جوڳي ناهيم اوور بلنگ ۾ ملوث آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وزير??عظ?? آفيس پريس ونگ پاران جاري پڌرائي مطابق وزير??عظ?? محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن، وزير??عظ?? بجلي جي ڊسٽريبيوشن ڪمپنين جي چيف ايگزيڪٽو آفيسرن جي مقرري جي عمل ۾ سستي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. وزير??عظ?? هدايت ڪئي ته انتهائي شفاف عمل ذريعي بجلي جي ڊسٽريبيوشن ڪمپنين جي چيف ايگزيڪٽو آفيسرن جي مقرري جو عمل جلدي مڪمل ڪيو وڃي، ڊسٽريبيوشن ڪمپنين ۾ افرادي قو?? جي ڀرتي ميرٽ تي ڪئي وڃي ۽ ڀرتين جي عمل ۾ شفافيت تي ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويند. وزير??عظ?? وڌيڪ چيو ته نيپرا جو ڏنل ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا. اجلاس دوران لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (ليسڪو) پشاور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (پيسڪو) ۽ فيصل آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (فيسڪو) جي معاملن جو جائزو ورتو ويو. پڌرائي مطابق اجلاس کي ليسڪو، پيسڪو ۽ فيسڪو جي ڪارڪردگي تي تفصيلي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته مالي سال 25-2024ع ۾ نومبر تائين ليسڪو جي ريڪوري 96.82 سيڪڙو، پيسڪو جي ريڪوري 87.98 سيڪڙو ۽ فيسڪو جي ريڪوري 97.57 سيڪڙو رهي آهي. مالي سال 25-2024ع ۾ نومبر تائين ٽرانسميشن ۽ ڊسٽريبيوشن لاسز جي حوالي سان ليسڪو 13.04 سيڪڙو، پيسڪو 33 سيڪڙو جڏهن ??ه فيسڪو 6.01 سيڪڙو آهي. بريفنگ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ليسڪو کي 22365 ٿري فيز سمارٽ ميٽرز لڳائڻا آهن ??ن مان 49470 لڳايا ويا آهن ??هڙي طرح پيسڪو کي 152559 سمارٽ ميٽرز لڳائڻا آهن ??ن مان 51173 لڳايا ويا آهن ??ڏهن ??ه فيسڪو کي 192311 سمارٽ ميٽرز لڳائڻا آهن ??ن مان 11276 لڳايا ويا آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته ليسڪو، پيسڪو ۽ فيسڪو جي صارفين کي شڪايتن جي ازالي ۽ ٻين خدمتن جي حوالي سان ڪال سينٽرز، اي ميلز، ويب سائٽس، انٽريڪٽو وائس ريسپانس، نيپرا جي موبائل ۽ ويب سروسز جون سهولتون حاصل آهن. بجلي جي فراهمي جي حوالي سان ڪنهن ??ه قسم جي شڪايتن جي حوالي سان هيلپ لائن 118 جي سمورن موبائل فون آپريٽرز کان مفت پهچ يقيني بڻائي پئي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال نومبر تائين ليسڪو 99.2 سيڪڙو، پيسڪو 99.9 سيڪڙو ۽ فيسڪو 99.7 سيڪڙو تائين شڪايتون حل ڪيون. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن بابت وفاقي وزير احد خان چيمه، وفاقي وزير پاور ڊويزن سردار اويس احمد خان لغاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام بابت مملڪتي وزير سزا فاطمه، ناڻي ۽ محصولن بابت مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، وزير??عظ?? جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن به شرڪت ڪئي.