اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي( اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پ??ڪس??ان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ثقافتي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پ??ڪس??ان ۽ ترڪيه جي لازوال دوستي سرحدن جي محتاج نه آهي، ٻنهي ملڪن جا هڪ ٻئي سان سدابهار لاڳاپا آهن، پ??ڪس??ان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ سياحتي شعبي ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن، يونس ايمري انسٽيٽيوٽ قائم ٿيڻ سان ترڪ ثقافت کي سمجهڻ ۾ م??د ملندي. يونس ايمري انسٽيٽيوٽ، ترڪش ڪلچر سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پ??ڪس??ان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ترڪيه اسان جو دوست آهي جنهن سان اسان جي لازوال دوستي آهي جيڪا سرحدن جي محتاج نه آهي، ٻنهي ملڪن جي عوام دوستي جي مضبوطي رشتي ۾ ڳنڍيل آهي. هن چيو ته عظيم صوفي ??اع?? يونس ايمري جنهن کي يونس درويش به چيو وڃي ٿو، جي ??اع??ي ۽ ڪهاوتون اڄ به ترڪ ثقافت ۾ اهميت رکن ٿيون. هن چيو ته ثقافت ئي هڪ ٻئي کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڊاڪٽر خليل توڪار کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هن پ??ڪس??ان ۾ رهي ترڪ ثقافت کي جهڙي طرح فروغ ڏنو، يقينن داد جو مستحق آهي. هي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي ملڪن جي وچ ۾ سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ بي لوث ڪم ڪن ٿا. وفاقي وزير چيو ته ترڪيه سان حصيداري وڌائڻ جي لاءِ استنبول ۾ هيڊ آف ڪميونيڪشن سان ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته جهڙي طريقي سان ترڪيه جا ڊراما پ??ڪس??ان ۾ مقبوليت حاصل ڪري رهيا آهن اهڙي طرح پ??ڪس??ان جا ڊراما ترڪيه ۾ پيش ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته پ??ڪس??ان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تمام گهڻيون شيون گڏيل آهن جيڪي زبان، ثقافت، مذهب جي شڪل ۾ نظر اينديون، اهو ئي سبب آهي جو اهو نه ٽُٽندڙ رشتو آهي. هن چيو ته ثقافتي طور تي اسان اهڙي مضبوطي سان ڳنڍيل آهيون جو علامه اقبال جي هڪ مزار قونيه جي اندر به آهي، مولانا رومي جي مزار سان گڏ علامه اقبال جي علامتي قبر ٺاهي وئي آهي، ان تعلق کي بيان ڪرڻ ئي مشڪل آهي. هن چيو ته ماڻهن جي پاڻ ۾ رابطن سان لاڳاپا وڌيڪ وڌن ٿا. يونس ايمري انسٽيٽيوٽ ڪلچر سينٽر جي هتي قائم ٿيڻ سان ثقافت ۽ عوام جي گڏيل رابطن کي وڌيڪ فروغ ملندو ۽ ترڪيه جي ثقافت کي اسان جي ماڻهن کي سمجهڻ ۽ اڳتي کڻي هلڻ ۾ م??د ملندي. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ثقافتي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته عوام سان عوام جي سطح تي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سيمينارز منعقد ڪيا وڃن، ٿنڪ ٽينڪس کي ويهاريو وڃي ۽ پاڪ ترڪيه لاڳاپن ۽ ثقافت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. اطلاعات واري وفاقي وزير عظيم ??اع??ن ڊاڪٽر علامه محمد اقبال ۽ يونس ايمري جي حوالي سان ثقافتي گروپس جوڙڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪندي چيو ته پ??ڪس??ان ۽ ترڪيه جا اديب ۽ ??اع?? هڪ ٻئي جي ملڪن جو دورو ڪن. اسان جي ڪوشش آهي ته انهن عظيم ??اع??ن جي ڪم کي اڳتي کڻي هلون جنهن جي ذريعي ٻنهي ملڪن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ وڌيڪ هم آهنگي پيدا ٿئي ۽ اسان دنيا کي امن، ڀائيچاري ۽ هم آهنگي جو پيغام ڏئي سگهون.