اسلام آباد- 10 ڊسمبر (اي پي پي) س??ري?? ڪورٽ جي آئيني بينچ پي ٽي آءِ باني کي خيبرپختونخوا منتقل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. غير ضروري قانوني تدارڪ جي حوصله شڪني ۽ عدالتن کي سياست ۾ گ??لڻ تي س??ري?? ڪورٽ پي ٽي آءِ بانيءَ کي اڊيالا جيل کان خيبرپختونخوا منتقل ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي درخواستگذار تي 20 هز??ر رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو. جسٽس ام??ن الدين خان جي سربراهيءَ ۾ س??ري?? ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ گذريل ڏينهن پرنسپل سيٽ تي درخواست جي ٻُڌڻي ڪئي. بينچ جي ٻين ميمبرن ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس نعيم اختر افغان، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس شاهد بلال حسن شامل هئا. عدالت درخواست کي غير ضروري ۽ غير لاڳاپيل قرا?? ڏيندي درخواستگذار عبدالقيوم خان تي 20 هز??ر رپيا ڏنڊ مڙهي ڇڏيو. درخواستگذار عدالت آڏو دليل ڏنا ته هو عظيم قومي مفاد ۾ درخواست کڻي س??ري?? ڪورٽ آيو آهي. جسٽس ام??ن الدين خان ريمارڪس ڏنا ته توهان جو ان معاملي سان ڪو تعلق ناهي. جسٽس جمال خان مندوخيل درخواستگذار کي مشورو ڏنو ته هو پارليامينٽ ۾ وڃي ۽ قوم جي خدمت ڪري ڇاڪاڻ ته هي پاليسيءَ جو معاملو آهي.