اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان جو آئين ملڪ ۾ رهندڙ سمورين قوميتن کي برابر حق فراهم ڪري ٿو، باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح پڻ اقليتن کي برابر حقن جي فراهمي جي خاطري ڪرائي، اقليتي برادري جي پراڻي مطالبي تي قانون واري وزارت اڳ ۾ ئي قومي اقليتي ڪ??يشن قائم ڪرڻ جو مسودو وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي جيڪو ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي برادري جي لاءِ خوشخبري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس (پي اين سي اي) جي تعاون سان ”دي اسلام آباد ڪرسچين فيلوشپ“ جي اهتمام هيٺ ڪرسمس جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪ??و.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران جوڙيل ون مين مينارٽي ڪ??يشن جي چيئرمين ??اڪ??ر شعيب سڊل، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر آسيه ناصر، اڳوڻي ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان ۽ پاڪستان ۾ فلسطين جي سفير ??اڪ??ر ظهير محمد حمدالله زيد خصو??ي طور تي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. قانون واري وفاقي وزير چيو ته مسيحي برادري پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، حڪومت اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته مسيحي برادري جي لاءِ ڪرسمس جي موقعي تي خوشي جي خبر پڻ شيئر ڪرڻ چاهيان ٿو ته اقليتن جي پراڻي مطالبي تي پهرين قومي اقليتي ڪ??يشن جوڙي پئي وڃي جنهن کي گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ اهو مسو??و جلد پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته هي پهرين قومي اقليتي ڪ??يشن مڪمل بااختيار هوندي ته جيئن قانونن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته ”دي اسلام آباد ڪرسچين فيلوشپ“ کي ان ڪامياب تقريب منعقد ڪرڻ ۽ مسيحي برادري کي انهن جي مذهبي ڏڻ جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اعظم نذير تارڙ ان موقعي تي غزه جي مظلوم فلسطينين سان پڻ همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪئي. هن چيو ته پاڪستاني قوم جي دل فلسطيني ڀينرن ڀائرن جي لاءِ ڏکويل آهي. ان موقعي تي تقريب ۾ مهتمم ڪيپٽن (ر) بابر برنارڊ مسيح وفاقي وزير ۽ ٻين مهمانن جي تقريب ۾ شرڪت جي آجيان ڪئي ۽ هڪ دستاويزي فلم پڻ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ زندگي جي مختلف شعبن ۾ اقليتي برادري خاص طور تي مسيحن جي ڪردار تي روشني وڌي وئي.
دستاويزي فلم ۾ ??اڪ??ر ايس ڪي ٽريسلر، گروپ ڪيپٽن (ر) سيسل چوڌري (ستاره جرئت)، ميجر جنرل (ر) کوکر (هلال امتياز)، اڳوڻي ايس ايس پي پوليس روبن يامين سهوترا، ??اڪ??ر روٿ فائو، ??اڪ??ر شيلا چائو، برگيڊيئر (ر) ??اڪ??ر رابرٽ ۽ ملڪي دفاع جي لاءِ قربانيون ڏيندڙ آفيسرن کانسواءِ صحت، تعليم، ائٽمي توانائي، سول سروس ۽ ٻين نمايان شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙن جي نمايان ڪارنامن جي عڪاسي ڪئي وئي. تقريب کي بشپ آزاد مائيڪل ۽ ??اڪ??ر شعيب سڊل پڻ خطاب ڪيو. مقررين بين المذاهب هم آهنگي جي اهميت تي روشني وڌي ۽ تاريخي حوالا ڏنا. ان کان اڳ ڪرسمس جي حوالي سان ٽيبلو، ڪيرولس ۽ مذهبي گيت پڻ پيش ڪيا ويا. تقريب ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ تقريب جي ڪامياب انعقاد تي منتظمين جي ڪ??ششن کي ساراهيو. منتظمين پاران معزز مهمانن کي شيلڊز ۽ گلدستا پڻ پيش ڪيا ويا. تقريب جي پڄاڻي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ سلامتي جي لاءِ خصوصي دعائن سان ٿي.