ماسڪو-04 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ سهڪار کي هٿي ملي رهي آهي، توانائي کي هٿي وٺرائڻ ۽ اقتصادي سهڪار ٻنهي ملڪن لاءِ اهم آهي. ماسڪو ۾ جاري پاڪستان ۽ روس وچ ۾ نائين بين الحڪومتي ڪميش?? جي اجلاس جي موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ڏهاڪا پراڻا لاڳاپا آهن ۽ پاڪستان ??وس سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. روس جي وزير چيو ته رو?? ۽پاڪستان ??ا لاڳاپا پراڻي دوستي ۽ اعتماد تي ٻڌل آهن. پاور ڊويزن موجب روس ۽ پاڪستان وچ ۾ 8 معاهدن تي صحيح ڪئي وئي. ڪامسيٽس ۽ پشاور يونيورسٽي جا روسي تعليمي ادارن سان معاهدا ٿيا جڏهن ته نيوٽيڪ جو به روسي يونيورسٽي سان معاهدو طئي ٿيو آهي. ٻين معاهدن ۾ انسولي?? جي تياري جي حوالي سان ??ه ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاهدا طئي ٿيا. ٻطرفي واپار ۽ صنعتي شعبي ۾ سهڪار بابت به معاهدو طئي ٿي ويو. پاڪستان ۽ روس وچ ۾ واپاري ۽ معاشي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان ??ه معاهدي تي صحيح ڪئي وئي.