اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف بل??چس??ان جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته قوم کي سيڪيورٽي فورسز جي جوانن تي فخر آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز بهادر جوانن آواران، ڊيره بگٽي ۽ ڪيچ جي ضلعن ۾ 3 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪيو. وز??راعظم چيو ته آوارن ۾ 3 انتهائي گهربل دهشتگردن کي انهن جي منطقي انجام تائين پهچايو ويو، قوم کي سيڪيورٽي فورسز جي جوانن تي فخر آهي. وز??راعظم چيو ته انسانيت جي دشمنن جي ڪڌي ارادن کي اهڙي طرح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين، حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ متحرڪ آهي.