اسلام آباد – 13 – نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ڪجهه ميڊيا هائوسز پاران پگهارن جي عدم ??دا??يگي ۽ اڳواٽ اطلاع کانسواءِ ورڪرز جون نوڪريون ختم ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ??يم??ا ۽ امپلي مينٽيشن ٽربيونل فار نيوز پيپر ايمپلائيز (آءِ ٽي اين اي) کي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ورڪرز جي پگهارن جي ??دا??يگي يقيني بڻائڻ جي لا??ِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي ان سلسلي ۾ قومي اسيمبلي ميمبر سيد امين الحق جي سربراهي ۾ هڪ ذيلي ڪميٽي جوڙي ڇڏي جيڪا ملازمن جي پگهارن، رهتن جي ??دا??يگي جي موجوده صورتحال ۽ ميڊيا ورڪرز جي حقن کي يقيني بڻائڻ جي لا??ِ قدم تجويز ڪندي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري پڌرائي موجب قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس قومي اسيمبلي ميمبر پولين بلوچ جي صدارت ۾ ??يم??ا هيڊڪوارٽرز اسلام آباد ۾ ٿيو جنهن ۾ پي ٽي وي، ??يم??ا سميت ميڊيا ورڪرز جي پگهارن جي ??دا??يگي ۽ شاليمار رڪارڊنگ اينڊ براڊ ڪاسٽنگ جي ملازمن جي پگهارن ۽ ٻين رهتن بابت ايجنڊا تي غور ڪي?? ويو. ڪميٽي ميڊيا ورڪرز کي پگهارن جي ??دا??يگي بابت مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪندي راءِ ڏني ته ڪميٽي پگهارن جي ??دا??يگي ۽ انهن جي رهتن جي ??دا??يگي کي يقيني بڻائڻ جي لا??ِ ڪا ڪسر نه ڇڏيندي. ??يم??ا ۽ آءِ ٽي اين اي جي پگهارن جي ??دا??يگي جي حصول جي لا??ِ ڪي?? ڪوششن کي ساراهيندي ڪميٽي ميڊيا ورڪرز جي حقن جي پاسداري جي لا??ِ پارليامينٽ جي لاڳاپيل قانونن ۾ سخت ضابطا آڻڻ جو پڻ مشورو ڏنو. ڪميٽي ??يم??ا بورڊ جي باقي ميمبرن، صوبائي ڪائونسل آف ڪمپلينٽس ۽ آءِ ٽي اين اي جي هڪ ميمبر جي جلد مقرري جي پڻ هدايت ڪئي. چيئرمين ۽ ڊائريڪٽر جنرل (آپريشنز) ??يم??ا ڪميٽي کي اٿارٽي جي جوڙجڪ جي وقت کان ان جي ڪم ۽ ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني. ڪميٽي کي آگاهه ڪي?? ويو ته ??يم??ا کي ايڪٽ تحت اليڪٽرانڪ ميڊيا جي سهولت ۽ ريگيوليشن جو ڪم ڏنو ويو آهي. ڊائريڪٽر جنرل ڪميٽي کي اٿارٽي جي تنظيمي ڍانچي، ??يم??ا بورڊ ۽ شڪايت ڪائونسل جي جوڙجڪ بابت آگاهه ڪي??. هن ٻڌايو ته پارليامينٽ جي ايڪٽ 2023ع ۾ ترميم جي ذريعي اليڪٽرانڪ ميڊيا ورڪرز کي وقت سر پگهارون ادا ڪرڻ ??يم??ا جي حوالي ڪي?? ويو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اٿارٽي جي ريگيوليٽري مڪينزم کي مضبوط بڻائڻ جي لا??ِ ايڪٽ جي لاڳاپيل شقن ۾ پڻ ترميم ڪئي وئي آهي. هن ڪائونسل آف ڪمپلينٽس ۾ التوا هيٺ شڪايتن جي ازالي بابت آگاهه ڪي??. ڪميٽي ٽي وي چينلز تي ڊراما ۽ اشتهار نشر ڪرڻ جي لا??ِ هڪ ضابطه اخلاق جوڙڻ جو مشورو ڏنو جيڪو سماجي ۽ مذهبي روايتن موجب هجي. ڪميٽي ??يم??ا کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي ريگيوليٽري مڪينزم کي خاص طور تي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺاڻي علائقن ۾ مضبوط بڻائي ته جيئن ڪيبل نيٽ ورڪس تي اٿارٽي پاران منظور ٿيل مواد جي ورڇ کي چيڪ ڪري سگهجي. ڪميٽي پي ٽي وي بابت معاملن تي بحث ڪندي پي ٽي وي جي پي رول تي رکيل سمورن اينڪرز ۽ پينلسٽس جي پگهارن جي پئڪيجز جا تفصيل طلب ڪيا. ڪميٽي اطلاعات واري وزارت کي چيو ته اها پي ٽي وي کي هڪ مخصوص تعليمي چينل جي لا??ِ شروعاتي تجويز تيار ڪرڻ جي لا??ِ مناسب هدايتون جاري ڪري. ڪميٽي جي اجلاس ۾ شاليمار رڪارڊنگ ڪمپني جا معاملا پڻ بحث هيٺ آيا. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري پارلياماني سيڪريٽري دانيال چوڌري، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن محمد حنيف عباسي، سعد وسيم، ڪرن عمران ڊار، آسيه ناز تنولي، سحر ڪامران، سيد امين الحق، محمد معظم علي خان، مولانا عبدالغفور حيدري، اطلاعات ۽ نشريات واري جوائنٽ سيڪريٽري، ??يم??ا چيئرمين ۽ لاڳاپيل ??دا??ن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.