اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) اوورسيز پاڪستانين بابت وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين عال??ي ٽريڊ يونين ڪنفيڊريشن (آءِ ٽي يو سي) جي س??ڪر??ٽري جنرل لڪ ٽرائي اينگل سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن، گڏيل دلچسپيءَ جي معام??ن ۽ پورهيتن جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير فلسطيني پورهيتن ۽ فلسطين جي مسئلي لاءِ عالمي ليبر آرگنائيزيشن ۾ آواز اُٿارڻ تي آءِ ٽي يو سي جي س??ڪر??ٽري جنرل جو ٿورو مڃيو. آءِ ٽي يو سي جي س??ڪر??ٽري جنرل قانوني ۽ منصفاڻي پورهيتن جي لڏپلاڻ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۽ آءِ ايل او جي ڪنوينشنز جي پابنديءَ ۾ پاڪستان جي سرگرم شموليت کي ساراهيو.