اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف ??ضا گيلاني قومي اسيمبلي ميمبر بئريسٽر ??ضا حيات هراج سان سندس والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي ۽ مرحوم جي رسم قل ۾ شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وقتي صدر سيد يوسف ??ضا گيلاني ڪبير والا ۾ قومي اسيمبلي ميمبر ??ضا حيات هراج ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن اصغر حيات هراج ۽ اڪبر حيات هراج سان سندن گهر وڃي سندن والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. وقتي صدر ان موقعي تي مرحوم خضر حيات هراج جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي.