راولپنڊي-24 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير گهڻ قومي مشق انڊس شيلڊ 2024ع جو مشاهدو ڪيو ۽ ايئر فورس جي جنگي تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب گهڻ قومي مشق انڊس شيلڊ 2024ع جي مشاهدي لاءِ اچڻ ت?? چيف آف ايئر اسٽاف، اي??ر چيف مارشل ظهير احمد بابر آرم?? چيف جنرل عاصم منير جي آجيان ڪئي. ان مو??عي تي پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل نويد اشرف پڻ موجود هو. آرم?? چيف مشقن جي آپريشنز، ٽيڪنالاجيز جي ڊسپلي جو مشاهدو ڪيو، کيس سيڪيورٽي چئلينجن سان هم آهنگ رهڻ لاءِ پاڪ فضائيه جي ڪوششن تي بريفنگ پڻ ڏني وئي. ان مو??عي تي آرم?? چيف جنرل عاصم منير ايئر ڪريو سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير هوائي سرحدن جي حفاظت لاءِ پي اي ايف اهلڪارن جي عزم کي ساراهيو ۽ اپ گريڊيشن جي مختلف پروگرامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي انٽر سروس سهڪار جي اهم ڪردار تي زور ڀريو. ان مو??عي تي پاڪ فضائيه جي سربراهه آرم?? چيف جي دوري جو شڪريو ادا ڪند?? چيو ته آرم?? چيف جو دورو تربيت ۽ آپريشنل شعبي ۾ فوج ۽ فضائيه وچ ?? سهڪار وڌائڻ ??اري عزم کي سگهه ڏي ٿو. اي??ر چيف مارشل ظهير احمد بابر جو چوڻ هو ته مشق انڊس شيلڊ 20224ع شريڪ ملڪن وچ ?? گڏيل سهڪار وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. مشق پنهنجي فضائي ۽ زميني عملي کي جنگي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي تربيت ڏيندي. مشق انڊس شيلڊ 2024ع خطي جي سڀ کان وڏي گهڻ قومي مشق آهي جنهن ۾ 24 فضائي فوجون شريڪ آهن.