اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿا بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال هندو برادري کي ڏ??ار?? جي پرمسرت موقعي تي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو ??ظه??ر ڪيو آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ احسن اقبال چيو ته پاڪستان جي ترقي ۾ هندو برادري سميت سمورن اقليتن جو ڪردار اهم آهي ۽ سندن ترقي لاءِ برابر موقعا فراهم ڪرڻ اسانجي پهرين ترجيح آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جي حڪومت هندو برادري سميت سمورن اقليتي برادرين جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي ۽ سندن ڀلائي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۾ هر شهري جو ڪردار آهي ۽ حڪومت اقليتن سميت سڀني کي برابر موقعا فراهم ڪري هڪ اهڙي مضبوط، توان?? ۽ ??وشحال معاشري جي جوڙجڪ تي يقين ??کي ٿي جتي سڀ گڏجي ترقي جي ثمر مان فائدو کڻي سگهن.