اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستا?? ۽ ??عودي عرب معيشت، زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جهڙن اهم شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي خطي ۽ اسلامي دنيا جي لاءِ هڪ خوشحال ۽ پرامن مستقبل جي تعمير جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ان ڳالهه جو اظهار ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ سعودي سيڙپڪاري وارو ??زير خالد بن عبدالعزيز الفالح جي قيادت ۾ پاڪستان جي دوري تي آيل سعودي عرب جي وفد جي وچ ۾ ملاقات دوران ڪيو ويو. صدر وفد جي آجيان ڪندي پاڪستا?? ۽ ??عودي عرب جي وچ پراڻي ۽ هر آزمائش ۾ پوري لهندڙ دوستي جو ذڪر ڪيو. هن دوستاڻي لاڳاپن کي ڊگهي مدي واري اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهڙي طرح جو تعاون ??نه?? ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻيندو. صدر خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي لاءِ پاڪستان جي گهري احترام ۽ سعودي عرب سان يڪجهتي جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر ولي عهد ۽ سعودي عرب جي وزيراعظم محمد بن سلمان آل سعود جي دورانديش قيادت کي پڻ ساراهيو. هن ويزن 2030ع تحت سعودي عرب پاران ڪئي ويندڙ ذڪر جوڳي اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ مشڪل وقت ۾ سعودي عرب پاران پاڪستان سان مسلسل تعاون تي ٿورا مڃيا. صدر چيو ته سعودي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي جو مشاهدو ڪري کيس خوشي ٿي رهي آهي. ان موقعي تي سعودي سيڙپڪاري واري وفاقي وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي اهميت، قدرتي وسيلن ۽ قابل تجديد توانائي جي صلا??يت کي تسليم ڪري ٿو. هن چيو ته سعودي عرب پاڪستان جي انفراسٽرڪچر ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ سندن وفد مختلف شعبن ۾ 25 معاهدن تي صحيحون ڪندو، جنهن سان ??نه?? ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي فروغ ملندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته معاهدي تي صحيحن سان ??نه?? ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. ڌرين زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. ان موقعي تي پيٽروليم وارو ??فاقي وزير سينيٽر مصدق مسعود ملڪ، واپار وارو ??فاقي وزير ڄام ڪمال خان، نجڪاري وارو ??فاقي وزير عبدالعليم خان، وفاقي گهرو ??زير سينيٽر سيد محسن رضا نقوي، مذهبي معامل?? ۽ ??ين المذاهب هم آهنگي وارو ??فاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، سينيٽر سليم مانڊوي والا کانسواءِ سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي پڻ موجود هو.