نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ ڀائراڻا ۽ دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن، پاڪستان ڪويت سان ٻطرفن لاڳاپن ک?? وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79ه??ن اجلاس جي موقعي تي ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح خالد الحامد الصباح سان م??اق??ت ۾ چئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻن ۽ دوستاڻي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٻطرفن لاڳاپن ک?? وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ عزم جو ??رجاءُ ڪيو. ٻنهي ??ڳو??ڻن مختلف شعبن جنهن ۾ سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون ۽ عوامي ۽ سماجي مٽاسٽا وڌائڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي تحت ڪويت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي رابطن ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ عملدرآمد جي عزم جو اظهار ڪيو. م??اق??ت ۾ ٻنهي ??ڳو??ڻن ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي تعاون وڌائڻ جو ??رجاءُ ڪيو.