اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪر??م ڪنڊي چيو آهي ته معاشري ۾ تعليم ۽ شعور سان امن کي هٿي ملي ٿي، نوجوان نسل کي ت??ليم ۽ تربيت سان ئي ملڪ ۽ قوم کي ت??قيءَ جي راهه تي گامزن ڪر?? سگهجي ٿو، سرڪاري ۽ نجي ت??ليمي ادارا نوجوان نسل کي معياري ت??ليم سان گڏ ان جي ڪردار سازي تي به خاص ڌي??ن ڏين، والدين ۽ استادن جي پهرين ذميداري آهي آهي ته هو قوم جي نوجوانن کي امن، معاشرتي ادب، صبر ۽ تحمل سان اڳيان وڌڻ جو درس ڏين ته جيئن هڪ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ سان گڏوگڏ ملڪ کي ت??قي يافته بڻ??ئي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه راولپنڊي ۾ پنجاب ڪاليج ڊي 9 ڪيمپس ۾ انٽرميڊئيٽ جي شاگردن کي ويلڪم ايونٽ ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ڊائريڪٽر پنجاب گروپ آف ڪاليج چوڌري اڪرام، ڪي پي ڪي جي گورنر جي آجيان ڪئي ۽ ڪاليج جو دؤرو ۽ شاگردن جي حوصله افزائي ڪرڻ تي سندن شڪريو ادا ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي گورنر چيو ته ڪنهن به معاشري کي جيڪڏهن مثالي بنائڻو هجي ته ان جي صرف تعليم ۽ تربيت تي ڌي??ن ڏجي، معاشرو پاڻ ئي مثالي بڻ??ي ويندو. تعليم حاصل ڪرڻ جو مطلب صرف ڊگري وٺڻ ناهي پر ان سان گڏوگڏ معاشري جي اصلاح، تعمير ۽ تهذيب سکڻ به شامل آهي ته جيئن شاگرد پنهنجي ديني، معاشرتي روايتن ۽ قدرن جو خيال رکي سگهن. هن خطاب ڪندي چيو ته انٽرميڊيئيٽ اوهان جي ت??ليمي سفر جو سڀ کان اهم حصو آهي، ان جي ڪارڪردگي اوهان جي ايندڙ سفر جو تعين ڪندي، جيڪڏهن توهان هتي ت??ليمي ڪارڪردگي ڏيکاريندا ته اوهان جي منزل آسان ٿي ويندي.