نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد فلسطين ۾ اسرا??يل?? ظلمن تي احتجاج طور اسرا??يل?? وزيراعظم جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب جو بائيڪاٽ ڪندي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خطاب کانپوءِ اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو جڏهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب جي لاءِ ڊائس تي آيو ته هال ۾ موجود پاڪستاني وفد وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ اجلاس مان احتجاج طور واڪ آئوٽ ڪيو. مبصرن پاڪستان جي ان فيصلي ??ي بهترين قرار ڏيندي چيو ته واڪ آئوٽ جي فيصلي سان پاڪستان پوري دنيا کي واضح لفظن ۾ پنهن??و موقف ڏنو آهي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ۾ خاص طور تي غزه ۾ اسرا??يل?? ظلمنک ي پوري دنيا آڏو موثر انداز ۾ اجاگر ڪيو ۽ فلسطين مسئلي جي پرامن حل جي ??رو??ت تي زور ڏنو.