اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت وا??ي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ هم نيوز جي سينيئر اينڪرپرسن عاصمه شيرازي جي گهر ويو ۽ سندس ڀاءُ محسن شيرازي جي لاڏاڻي تي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي ايصال ثواب ل??ءِ فاتحه خواني ڪئي. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير سان گڏ وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ، سيڪريٽري اطلاعات عنبرين جان، جوائنٽ سيڪريٽري اطلاعات ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر پڻ موجود هئا. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ عاصمه شيرازي جي ڀاءُ محسن شيرازي جي لاڏاڻي کي گهرڀاتين جي ل??ءِ ناقابل تلافي نقصان قرار ڏيندي چيو ته ڀيڻ ڀاءُ قدرت جا انمول رش??ا آهن، ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم ک?? جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.