اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري سيڪيو??ٽي فورسز کي مهمند ۾ ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي خارجي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته اسان جي سيڪيو??ٽي فورسز بهادري جو مظاهرو ڪندي 4 خارجي دهشتگردن جو خاتمو ڪيو. ايوان صدر پريس ونگ طرفان جاي بيان ۾ صدر مملڪت خارجي دهشتگردن خلاف سيڪيو??ٽي فورسز جي اثرائتي ۽ جرئتمنداڻي ڪارروائي کي ساراهيندي چيو ته سموري قوم کي پنهنجي جوانن تي فخر آ??ي جيڪي هر وقت وطن جي حفاظت لاءِ تيار آ??ن، دهشتگردن کي انهن جي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.