اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف پاڪ فضائيه جي لازوال قربانين ۽ پيشيواراڻي مهارت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته 7 سيپٽمبر 1965ع جي ڏينهن پاڪ فضائيه جي شاهينن جرئت، بهادري ۽ شجاعت جي تاريخ رقم ڪئي. تعداد ۾ گهٽ هئڻ باوجود پاڪ فضائيه جي بهادر جوانن پنهنجي بهادري ??ان دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ط??فان يوم فضائيه تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ايم ايم عالم هڪ منٽ اندر دشمن جا 5 ويڙهاڪ جهاز تباهه ڪري ??شمن جي غرور کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو، سموري قوم کي پاڪ فضائيه تي فخر آهي. وزيراعظم ??حمد شهباز شريف چيو ته وطن لاءِ پنهنجين حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙ پاڪ فضائيه جي شهيدن کي سلام پيش ڪيون ٿا.