راولپنڊي – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظ??ار ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف راولپنڊي ۾ آرمي وار گيم جي پڄاڻي واري سيشن ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي تازي وار گيم ۽ پاڪستان فوج جي سمورن ممڪن خطرن جي حوالي سان آپريشنل تيارين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. دفاع وارو وفاقي وزير، ناڻي وارو وفاقي وزير، اطلاعات وارو وفاقي وزير آرمي چيف ۽ سينيئر عسڪري عملدار ??ڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان فوج جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظ??ار ڪيو ۽ خطي ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام جي قيام ۽ ائٽمي ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي ل??ءِ طاقت جي توازن کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجي هٿياربند فوج جي اهم ڪردار کي ساراهيو. هن جارحيت جي صورت ۾ دشمن تي جوابي ضرب کي يقيني بڻائيندڙ روڪٿام جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ل??ءِ جديد حربي تصورن ۽ سڌارن کي ساراهيو. عسڪري قيادت قومي ??ود??ختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي ل??ءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ اها ڳالهه ورجائي وئي ته پاڪستان جي فوج موجوده سيڪيورٽي چئلينجز کان چڱي ريت آگاهه آه?? ۽ ??نهن به جارحيت کي ناڪام بڻائڻ جي ل??ءِ پنهنجي صلاحيتن ۾ مسلسل اضافو جاري رکندي.