اسلام آباد – 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف عوامي جمهوريه بنگلاديش جي حڪومت جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس سان ٽي??يف??ن تي بنگلاديش ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي بنگلاديش جي حڪومت ۽ عوام سان همدرديءَ جو ??ظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهب??ز شريف ۽ عوامي جمهوريه بنگلاديش جي حڪومت جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس ٽي??يف??ن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم محمد شهب??ز شريف پروفيسر محمد يونس کي چيف ايڊوائيزر جو ??هدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ بنگلاديش جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سندس ڪردار کي ساراهيو. هن بنگلاديش ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي بنگلاديش جي حڪومت ۽ عوام سان همدرديءَ جو ??ظهار ڪيو. وزيراعظم مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ذريعي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ ??هتر ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رشتن جو ??ڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي خواهش جو ??ظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ ??تفاق ڪيو ته وسيع تر علائقائي تعاون ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. پروفيسر محمد يونس ٽي??يف??ن ڪرڻ تي وزيراعظم ??ا ٿورا مڃيا.