اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي علائقي موسيٰ خيل ۾ مسافر بس تي دهشتگرد حملي تي شديد ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان جي شديد مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??هي??ن جي مغفر?? جي لاءِ دعا ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم مقامي انتظاميا کي پونئيرن سان مڪمل تعاون ۽ زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪر?? جي هدايت ڪئي. وزيراعظم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي واقعي جي فوري جاچ جي هدايت ڪندي چيو ته ان واقعي جي ذميوار دهشتگردن کي سزائون ڏنيون وينديون. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي دهشتگردي قطعي طور تي قبول نه آ??ي، ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي.