اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ شوگر ايڊوائيزري بورڊ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ ک??ڊ جي اسٽاڪ جي دستيابي ۽ قيمتن جو جائزو ورتو ويو، ايڊوائيزري بورڊ تاجڪستان کي 40 هزار م??ٽرڪ ٽن کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. راڻا تنوير حسين ان موقعي تي چيو ته تاجڪستان کي ک??ڊ جي ايڪسپورٽ گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ سطح تي ٿيندي، ک??ڊ جي ريٽيل قيمت کي ايڪسپورٽ کان ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. شوگر م??ز ايسوسيئيشن سان ريٽيل پرائيس جو ڪوبه تعلق ناهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته شوگر م??ز مالڪن طرفان ڪمند جي آبادگارن کي باقي رهتن جي ادائيگي جلد ڪئي ويندي. ضلعي انتظاميه ک??ڊ جي ريٽيل قيمت کي ڪنٽرول ڪندي، ملڪ ۾ هن وقت ک??ڊ جو 28 لک ميٽرڪ ٽن اسٽاڪ موجود آهي، ملڪ ۾ هن وقت و??ڌو کنڊ موجود آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته ايف بي آر ۽ ڪين ڪمشنرز ملڪ ۾ ک??ڊ جي اسٽاڪ جي دستيابي کي ٻيهر چيڪ ڪندا. ايف بي آر ۽ ڪين ڪمشنر شوگر ايڊوائيزري بورڊ جي ايندڙ اجلاس ۾ مصالحتي رپورٽ پيش ڪندا. اضافي کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جو فيصلو ان رپورٽ جي روشني ۾ ڪيو ويندو.