لاهور -11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته پاڪ فوج جا آفيسر۽ جوان پاڪستان جي سر زمين کي دهشتگردن کان پاڪ ڪري رهيا آهن، دهشتگردي خلاف ??نگ ۾ پاڪستاني قوم پاڪ فوج سان گڏ آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پڌرائي مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪج??ه ڏينهن پهرين تيراه وادي ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ۾ زخمي ٿيل ليفٽيننٽ عزير ??حم??د ملڪ جي شهادت تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي، شهيد جي بلند درجن ?? پونئرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي، وزيراعظم چيو ته ليفٽننٽ عزير ??حم??د ملڪ جوانن جي قيادت ڪندي 4 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جا آفيسر۽ جوان پاڪستان جي سر زمين کي دهشتگردن کان پاڪ ڪري رهيا آهن، مون سميت سڄي قوم پاڪ فوج جي بهادر آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته اسان جا شهيد ?? انهن جا وارث سڄي قوم جو فخر آهن.