اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر سردار اياز صادق ملڪ جي سينيئر صحافي ملڪ حسن زيب جي قتل جي مذمت ڪئي آه?? جيڪو گذريل ڏينهن اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويو هو. سومر ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل بي??ن مطابق قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر صحافي ملڪ حسن زيب جي جاني نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سندس وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. اسپيڪر مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ ڌڻي در دعا ڪئي ۽ اهو ناقابل تلافي نقصان برداشت ڪرڻ لاءِ پڻ صبر جي دعا ڪئي.