اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته محرم الحرام جي مهيني خاص طور تي عاشوري دوران صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومتن سان سيڪيورٽي معاملن تي هم آهنگي ۽ رابطا وڌيڪ بهتر ڪيا ??ڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير سيد محسن رضا نقوي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ محرم الحرام دوران امن امان جي صورتحال جي حوالي سان خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم محرم الحرام جي مهيني خاص طور تي عاشوري جي دوران صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومتن سان سيڪيورٽي معاملن تي هم آهنگي ۽ رابطا وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان م??قع?? تي وفاقي گهرو وزارت سان لاڳاپيل ٻين معاملن تي پڻ خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.