بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ متبادل ت??انائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وڏي گنجائش آهي، متبادل ت??انائي جي نظام کي مضبوط بڻائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاور چائنا جي چيئرمين ڊنگ يانزانگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس مل??قات ڪئي. مل??قات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پاور وارو وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته متبادل ت??انائي جو نظام مضبوط ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان ۾ متبادل ت??انائي جي حوالي سان سيڙپڪاري جي وڏي صلاحيت آهي. هن چيو ته بجلي چوري جي حوالي سان ملڪ ۾ وڏيون ڪارروايون ڪيون پيون وڃن. ان موقعي تي پاور چائنا جي چيئرمين ڊنگ يانزانگ ساهيوال ڪول پاور پ??انٽ جي تيز رفتار تعمير ۽ معيار کي ساراهيو ۽ هن پاڪستان ۽ پنجاب اسپيڊ جو پڻ ذڪر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون وينديون جنهن تحت پاڪستان ۾ بجلي پهچ جو نظام بهتر ۽ لائين لاسز کي گهٽ ڪيو ويندو.